بابر بادشاهه خيالي تصوير

بابر بادشاهه خيالي تصوير

بابر نامو

بابر نامو (ڪتاب ): هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ جو فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل آهي. هيءُ بابر بادشاهه جو روزنامچو آهي، جيڪو هن چغتائي ترڪيءَ ۾ لکيو هو. اڪبر بادشاهه جي حڪم سان 1589ع ۾ عبدالرحيم خان خانان هن جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هي تمام گهڻو مقبول ڪتاب آهي انهيءَ ڪري هن جو ترجمو روسي، انگريزي، فرانسيسي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ٿي چڪو آهي. هن ڪتاب ۾ ادب، شعر، موسيقي، مصوري ۽ خطاطيءَ تي جابجا تنقيد ڪيل آهي، جيڪا نهايت لطيف ۽ دلچسپ آهي. هي ڪتاب تاريخي واقعن جو مرقع، معاشرتي سرگرميءَ جو نقشو ۽ جاگرافيائي معلومات جو خزانو آهي. ڪتاب ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ ۾ سال 1964ع ۾ شايع ڪيو. ساڳيو ڪتاب سنڌ ۾ ’روشني پبليڪيشن‘، ڪنڊياري پاران 2006ع ۾ پڻ ڇپايو ويو آهي.


لفظ بابر ناموھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.00.00  عيسوي

بابر نامو ( ڪتاب ) ڪتاب ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ ۾ سال 1964ع ۾ شايع ڪيو .


2006.00.00  عيسوي

بابر نامو ( ڪتاب ) ڪتاب سنڌ ۾ ’ روشني پبليڪيشن ‘ ، ڪنڊياري پاران 2006ع ۾ پڻ ڇپايو ويو آهي



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻه دليون
ٿر هڪ تشريحي ببليوگرافي
رڃ ۾ رابيل
تاريخ امامت
ابڙو وڏ وڙو
پيلا گل پلاند ۾
بلها شاهه جو ڪلام
اشا ڪال يا مرهٽا جيون پرڀات
سج الائي ڪٿي ڪري پيو
پيار ۽ پاپ
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون